Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:35 - Sindhi Bible

35 هو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئو هو: ۽ اوهان گهڙي ساعت هن جي سوجهري ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 يوحنا ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:35
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ابيشي بن ضروياہ هن جي مدد ڪئي، ۽ انهيءَ فلستيءَ کي شڪست ڏيئي ڪُٺائين، تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ اڳتي تون اسان سان جنگ تي نہ هلندين متان اسرائيل جو ڏيئو اُجهائي ڇڏين.


۽ بني اسرائيل موسيٰ جي چهري ڏانهن نهاريو تہ سندس چهرو چمڪي رهيو هو؛ ۽ موسيٰ جيسين وري هن سان ڳالهائڻ لاءِ اندر نہ ويندو هو، تيسين پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيندو هو.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


۽ جيڪي ڏاها هوندا سي آسمان جي روشنائيءَ وانگر چمڪندا، ۽ جيڪي گهڻن کي سچائيءَ ڏانهن ڦيري آڻين ٿا، سي تارن وانگر هميشہ تائين پيا چمڪندا،


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي.


پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ اسين خلق کان ٿا ڊڄون؛ ڇالاءِ جو سڀ يوحنا کي نبي ڪري ٿا سمجهن.


۽ يهوديہ جي ساري ملڪ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو وٽس ويا؛ ۽ پنهنجا گناهہ باسي يردن نديءَ ۾ کانئس بپتسما ورتائون.


ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪي بہ زال ذات مان ڄاول آهن، تن منجهان يوحنا کان ڪوبہ وڏو ڪونهي. انهي هوندي بہ خدا جي بادشاهي ۾ جيڪو ننڍو آهي، سو اُنهي کان وڏو آهي.


تنهن تي سندس گهڻا شاگرد پٺتي موٽي هليا ويا، ۽ وري ساڻس ڪڏهن گهُمڻ جي نہ ڪيائون.


۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ