Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:34 - Sindhi Bible

34 پر مون کي انسان جي شاهدي قبول ڪانهي: تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون جي ڪيون اٿم، سي هن لاءِ تہ اوهان کي نجات ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي مڪتي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:34
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


اُهو ٻيو آهي جو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڀري، ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو منهنجي بابت ڀري ٿو سا سچي آهي.


مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي.


يسوع جواب ڏنو، تہ جيڪڏهن آئون پنهنجي وڏائي ڪريان، تہ منهنجي وڏائي ڪي ڪينهي: منهنجو پيءُ پاڻ منهنجي وڏائي ڪرڻ وارو آهي؛ جنهن جي نالي چئو ٿا تہ هو اسان جو خدا آهي؛


اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.


پر اسرائيل جي بابت هو چوي ٿو تہ ”آئون سڄو ڏينهن هڪڙيءَ نافرمان ۽ ضدي اُمت ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندو رهيس.“


بديءَ کان هارجي نہ وڃو، پر نيڪيءَ جي ذريعي بديءَ تي غالب پئو.


۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟


ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.


پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين.


جيڪڏهن اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ٿا ڪريون، تہ خدا جي شاهدي انهي کان وڌيڪ آهي: ڇالاءِ جو خدا جي شاهدي هيءَ آهي، جا هن پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ