Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:2 - Sindhi Bible

2 اتي يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبرانيءَ ۾ بيت حسدا ڪري ٿا سڏين، اُنهي کي پنج ڏيڍيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت‌حسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت‌حسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ ھڪ تلاءُ آھي، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت⁠حسدا ڪري سڏبو آھي ۽ انھيءَ کي پنج ڏيڍيون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.


تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.


۽ انهيءَ ڪنڊ واريءَ چاڙهيءَ، ۽ رڍن واري دروازي جي وچ ۾، سونارن ۽ سوداگرن مرمت ڪئي.


۽ پراڻي ڍنڍ جي پاڻيءَ لاءِ اوهان ٻن ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو حوض بہ بنايو: پر جنهن اهو حڪم ڪيو تنهن ڏي اوهان نہ نهاريو، نڪي جنهن گهڻا ڏينهن اڳي انهيءَ کي رٿيو هو تنهن ڏانهن اوهين ڦريا.


۽ اوهان دائود جي شهر جا ڀڳل ڀاڱا ڏٺا، جي گهڻا هئا: اوهان هيٺئين ڍنڍ جو پاڻي گڏ ڪيو.


پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.


پوءِ هو يسوع کي وٺي هليا: ۽ هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي اُنهي هنڌ آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ گلگتا يعني کوپراٽيءَ واري جاءِ ڪوٺيندا آهن:


پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا.


يسوع چيس، مريم. هن ڦري عبرانيءَ ۾ چيس، ربوني؛ يعني اي اُستاد.


تن ۾ ڪيترائي بيمار، ۽ انڌا، ۽ منڊا، ۽ سڙيل سُڪل پيا هوندا هئا. (اهي پاڻيءَ ۾ گوڙ ٿيڻ جا منتظر هوندا هئا،


يسوع جواب ڏيئي چين، تہ مون هڪڙو ڪم ڪيو، ۽ اوهان مڙني کي حيرت وٺي ويئي آهي.


جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ،


۽ انهن کين انهي هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ هومگدون ٿا چون.


اُنهن جي مٿان اوڙاهہ وارو ملائڪ بادشاهہ هو: انهي جو نالو عبرانيءَ ٻوليءَ ۾ ابدون آهي، ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ