Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تنهنڪري عيسيٰ يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ فرزند پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:19
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.


پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين.


جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.


خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.


۽ آسمان سندس راستبازي ظاهر ڪندا؛ ڇالاءِ جو خدا پاڻ منصف آهي.


تڏهن خداوند چيس تہ ماڻهوءَ جو وات ڪنهن جوڙيو آهي؟ ۽ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ اهو آءٌ نٿو ڪريان ڇا، جو خداوند آهيان؟


ڇالاءِ جو خداوند ڏاهپ ڏئي ٿو؛ هن جي وات مان علم ۽ سمجهہ اچن ٿا:


خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟


هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


ڪوبہ ماڻهو مون کان اُها کسي نٿو، پر آئون اُها پاڻهي ئي ٿو ڏيان. مون کي اُنهيءَ جي ڏيڻ جي اختياري آهي، ۽ انهي جي وري وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هيءُ حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.


ڇالاءِ جو مون پاڻو ڪلام ڪونہ ڪيو آهي، پر پيءُ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ ڇا چوان، ۽ ڇا ڳالهايان.


۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ سندس حڪم هميشہ جي زندگي آهي: تنهنڪري جيڪي ڳالهيون آئون چوان ٿو، سي اصل جيئن منهنجي پيءُ مون کي چيون آهن، تيئن ئي ٿو چوان.


تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري.


يسوع جواب ڏيئي چين تہ هن هيڪل کي ڊاهيو، تہ آئون ٽن ڏينهن ۾ اُهو کڙو ڪري بيهاريندس.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو.


ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو.


ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان.


تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان.


جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


تنهنڪري اسين هن جي موت ۾ بپتسما جي وسيلي هن سان گڏ دفن ٿياسين: انهي لاءِ تہ جيئن مسيح پيءُ جي جلال جي وسيلي مُئلن مان جياريو ويو، تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ هلون.


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


هاڻي جيڪڏهن مسيح جي نسبت ۾ اها منادي ٿي ڪجي تہ هو مُئلن مان جي اُٿيو آهي، تڏهن اوهان مان ڪي ڪيئن چون ٿا تہ مُئلن جي قيامت ڪانهي؟


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن خداوند يسوع کي جياريو، سو اسان کي بہ يسوع سان گڏ جياريندو، ۽ انهي سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


اسان کي مسيح سان جيئرو ڪيو، جڏهن اسين اڃا پنهنجين خطائن جي ڪري مُئل هئاسين، (فضل جي ڪري ئي اوهان کي نجات ملي آهي)،


تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛


تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


۽ سندس جلال جي قدرت موجب، هر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگهو؛


ڇالاءِ جو انهي ۾ سڀ ڪجهہ پيدا ڪيو ويو، جهڙو آسمان ۾ تهڙو زمين تي، جيڪي ڏسجي ٿو ۽ جيڪي نٿو ڏسجي، تخت توڙي حڪومتون، رياستون، توڙي طاقتون؛ سڀ ڪجهہ انهي جي وسيلي ۽ انهي جي لاءِ پيدا ٿيو آهي.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ