Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن جيڪو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي چوڻ لڳا تہ اڄ سبت آهي، سو توکي کٽولو کڻڻ روا نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 تنھنڪري جيڪو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي يھودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آھي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي سنڀال ڪريو ۽ سبت جي ڏينهن ڪوبہ بار نہ کڻو، ۽ نہ اُهو يروشلم جي دروازن اندر آڻيو؛


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. ۽ هنن پڇيس تہ سبت جي ڏينهن بيمارن کي ڇُٽائڻ روا آهي يا نہ؟ انهي لاءِ تہ هو مٿس تهمت آڻين.


تنهن تي فريسين چيس، تہ ڏس، سبت جي ڏينهن هو اهڙو ڪم ڇو ٿا ڪن جو روا نہ آهي؟


۽ هنن کي چيائين تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ، يا مارڻ؟ پر هنن کڻي ماٺ ڪئي.


۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن.


۽ اُنهن موٽي اچي سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيا. ۽ سبت جي ڏينهن حڪم موجب آرام ڪيائون.


فريسين مان ڪن چيو، تہ جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟


۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:


پر هن کين جواب ڏنو تہ جنهن مون کي ڇُٽايو آهي، تنهن ئي مون کي چيو تہ پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر.


پوءِ انهي ماڻهوءَ وڃي يهودين کي ٻُڌايو تہ اُهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.


۽ انهي سبب ڪري يهودي، يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن سبت جي ڏينهن اهڙا ڪم ٿي ڪيا.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو سبت جي ڏينهن ختنو ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جو حڪم نٿو ڀڄي؛ تہ پوءِ مون سان ڇو ڪاوڙيا آهيو، جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن سڄو سارو ڪري ڇڏيو؟


تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ