8 ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.
پر هن چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيون. اُنهن چيو تہ اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين ڌاران ٻيو ڪي بہ ڪينهي، باقي چئين تہ اسين سڀني لاءِ وڃي کاڌو ڳنهي اچون.
۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.
ايتري ۾ سندس شاگرد آيا؛ ۽ عجب ۾ پيا تہ هو زال ذات سان ويٺو ڳالهائي؛ تہ بہ ڪنهن نہ چيو تہ توکي ڇا گهرجي؟ يا تون هن سان ڇو ٿو ڳالهائين؟
۽ انهي شهر جي گهڻن سامرين هن زال جي چوڻ ڪري مٿس ايمان آندو، جو هن شاهدي ڀري هئي تہ جيڪي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀوئي مون کي ٻُڌايو اٿس.
پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:
پوءِ اتي سامريا جي هڪڙي زال پاڻي ڀرڻ آئي. يسوع هن کي چيو تہ مون کي پاڻي پيار.