Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:6 - Sindhi Bible

6 ۽ اتي يعقوب جو کوهہ هو. پوءِ يسوع، جو مسافريءَ تان ٿڪجي آيو هو، سو ائين جو ائين کوهہ تي اچي ويٺو، اُهو اٽڪل ٻنپهرن جو وقت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. يسوع مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.


۽ هن چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزو رکيو، پوءِ کيس بک لڳي.


۽ ڏسو، سمنڊ ۾ اچي اهڙو طوفان لڳو جو ٻيڙي لهرن سان ڍڪجي ويئي: پر هو سمهيو پيو هو.


۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي.


يسوع چيس، تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ هوا جي پکين کي آکيرا آهن، پر ابن آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.


يسوع جواب ڏنو تہ ڏينهن ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڪينهن؟ جيڪڏهن ڪو روشنيءَ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو ئي ڪين، ڇالاءِ جو هو دنيا جو سوجهرو ٿو ڏسي.


اسان جو ڏاڏو يعقوب جنهن اسان کي کوهہ ڏنو، ۽ جنهن مان پاڻ ۽ سندس پٽ ۽ سندس مال پيئندو هو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟


پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:


پوءِ اتي سامريا جي هڪڙي زال پاڻي ڀرڻ آئي. يسوع هن کي چيو تہ مون کي پاڻي پيار.


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ