Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:5 - Sindhi Bible

5 پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پوءِ ھو سامريہ جي سوخار نالي ھڪڙي شھر ڏانھن ويو، جيڪو انھيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ ھو جا يعقوب پنھنجي پٽ يوسف کي ڏني ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جنهن زمين جي ٽڪر تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان سؤ سڪن تي خريد ڪيائين.


ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو.


ڇالاءِ جو خداوند جي حڪم موجب جيڪو ڪلام هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ، ۽ سامريہ جي شهرن ۾ جيڪي مٿانهن هنڌن تي گهر آهن، تن سڀني جي برخلاف ڪيو هو، سو ضرور پورو ٿيندو.


۽ پاڻ کان اڳي قاصد موڪليائين: ۽ اُهي روانا ٿيا، ۽ سندس واسطي تياري ڪرڻ لاءِ سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ ويا.


اسان جو ڏاڏو يعقوب جنهن اسان کي کوهہ ڏنو، ۽ جنهن مان پاڻ ۽ سندس پٽ ۽ سندس مال پيئندو هو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟


۽ انهي شهر جي گهڻن سامرين هن زال جي چوڻ ڪري مٿس ايمان آندو، جو هن شاهدي ڀري هئي تہ جيڪي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀوئي مون کي ٻُڌايو اٿس.


۽ اتي يعقوب جو کوهہ هو. پوءِ يسوع، جو مسافريءَ تان ٿڪجي آيو هو، سو ائين جو ائين کوهہ تي اچي ويٺو، اُهو اٽڪل ٻنپهرن جو وقت هو.


ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.


۽ يوسف جا هڏا، جي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا، سي بہ هنن سڪم ۾، انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ دفن ڪيا، جو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان ناڻي جي هڪ سؤ سڪن تي خريد ڪيو هو: ۽ اُهي يوسف جي اولاد جي موروثي ملڪيت ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ