Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:40 - Sindhi Bible

40 پوءِ جڏهن اُهي سامري وٽس آيا، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان وٽ اچي ٽڪ، ۽ هو اُتي ٻہ ڏهاڙا ٽڪي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 سو اهي سامري يسوع وٽ آيا ۽ کيس وينتي ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن يسوع ٻہ ڏينهن اتي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 سو اهي سامري عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس عرض ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن عيسيٰ ٻہ ڏينهن اتي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:40
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.


تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي.


اڃا آءٌ ٿورو هنن وٽان اڳتي هليس، تہ مون هن کي لڌو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي: مون جهليومانس، ۽ وڃڻ ڪين ڏنومانس، جيستائين مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ اُنهيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ جنهن مون کي ڄڻيو هو.


اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟


۽ مريم نالي سنديس ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڪلام ويٺي ٻُڌو.


تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.


پر جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس عرض ڪيو تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي: پر هن کيس روانو ڪري چيو تہ


۽ انهي شهر جي گهڻن سامرين هن زال جي چوڻ ڪري مٿس ايمان آندو، جو هن شاهدي ڀري هئي تہ جيڪي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀوئي مون کي ٻُڌايو اٿس.


۽ سندس ڪلام جي ڪري ٻين بہ گهڻن ايمان آندو؛


ٻن ڏينهن کانپوءِ هو اُتان روانو ٿي گليل ۾ ويو.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


سو انهي شهر ۾ ڏاڍي خوشي ٿي ويئي.


ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ