Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:39 - Sindhi Bible

39 ۽ انهي شهر جي گهڻن سامرين هن زال جي چوڻ ڪري مٿس ايمان آندو، جو هن شاهدي ڀري هئي تہ جيڪي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀوئي مون کي ٻُڌايو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان ناريءَ جي شاهديءَ جي ڪري يسوع تي وشواس آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان عورت جي شاهديءَ جي ڪري عيسيٰ تي ايمان آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:39
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ٻارهن کي يسوع روانو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائين، تہ غير قومن جي راهہ ۾ متان وڃو، ۽ سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ متان گهڙو:


۽ هنن ٻن شاگردن هن کي ائين چوندو ٻُڌو، ۽ يسوع جي پٺيان ويا.


تڏهن يهودي، جي مريم وٽ آيا هئا، تن مان گهڻن، جيڪي هن ڪيو هو سو ڏسي، مٿس ايمان آندو.


اچو، هڪڙو ماڻهو تہ اچي ڏسو، جنهن سڀ جيڪي مون ڪيو آهي، سو مون کي ٻُڌايو اٿس: متان هيءُ مسيح تہ نہ آهي؟


پوءِ اُهي شهر مان نڪري وٽس آيا.


جنهن لاءِ اوهان بازون نہ هنيون آهن، تنهن جي لُڻڻ لاءِ اوهان کي موڪليم، ٻين بازون هنيون ۽ اوهين هنن جي پورهئي ۾ ڀائيوار ٿيا آهيو.


پوءِ جڏهن اُهي سامري وٽس آيا، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان وٽ اچي ٽڪ، ۽ هو اُتي ٻہ ڏهاڙا ٽڪي پيو.


۽ هو زال کي چوڻ لڳا تہ اسين جو هاڻي مڃون ٿا، سو تنهنجي چوڻ ڪري نہ، پر اسان پاڻ ٻُڌي خاطري ڪئي آهي، ۽ ڄاڻون ٿا تہ سچ پچ هي جهان جو نجات ڏيندڙ آهي.


پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:


ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ