Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:31 - Sindhi Bible

31 ايتري ۾ شاگردن عرض ڪري چيس، تہ اي اُستاد، ڪجهہ کاءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 هوڏانهن يسوع جي چيلن کيس وينتي ڪئي تہ ”اي گرو! ڪجھہ کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 هوڏانهن عيسيٰ جي شاگردن کيس عرض ڪيو تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:31
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن جي اڳيان کائڻ لاءِ کاڌو رکيو ويو: پر هن چيو تہ جيسين آءٌ پنهنجو پيغام نہ ٻڌائيندس، تيسين ڪين کائيندس. تڏهن هنن چيس تہ ڀلي پنهنجو پيغام ٻڌاءِ.


۽ کين وڻي ٿو تہ ماڻهو اسان کي بازارن ۾ سلام ۽ ربي ڪري سڏين.


پر اوهين پاڻ کي ربي متان سڏايو، ڇالاءِ جو اوهان جو اُستاد هڪڙو آهي، ۽ اوهين سڀيئي ڀائر آهيو.


۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اهو آئون آهيان ڇا؟ هن چيس، تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي.


۽ يڪدم هو يسوع وٽ اچي چوڻ لڳو تہ اي ربي، سلام: ۽ چميائينس.


تنهن تي پطرس کي اها ڳالهہ ياد پيئي ۽ چيائينس، تہ اي اُستاد، ڏس جنهن انجير جي وڻ کي تو پِٽيو هو، سو سُڪي ويو آهي.


۽ جڏهن هو اچي پهتو، تڏهن يڪدم وٽس اچي چيائين تہ اي اُستاد؛ ۽ چُميائينس.


۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: تنهنڪري ٽي خيما جوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.


يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟


نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.


تڏهن شاگردن چيس تہ اي اُستاد، اڃا تازو يهودين توکي سنگسار ڪرڻ جي ٿي ڪئي، ۽ تون وري ٿو اوڏانهن هلين؟


سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.


۽ اُنهن يوحنا وٽ اچي کيس چيو تہ اي اُستاد، اُهو جو يردن جي هن ڀر تو ساڻ هو، جنهن بابت تو شاهدي ڀري آهي، ڏس اُهو بپتسما پيو ڏئي، ۽ سڀيئي ماڻهو هن وٽ پيا وڃن.


پوءِ اُهي شهر مان نڪري وٽس آيا.


پر هن چين تہ مون وٽ کائڻ لاءِ اُهو کاڄ آهي، جنهن جي اوهان کي خبر ڪانهي.


۽ جڏهن سمنڊ جي پار ڳولي اچي لڌائونس، تڏهن چيائونس تہ اي اُستاد، تون هتي ڪڏهن آئين؟


سندس شاگردن پڇيس تہ اي ربي، ڪنهن گناهہ ڪيو، هن ماڻهوءَ يا هن جي ماءُ پيءُ، جو هي انڌو ڄائو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ