Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:20 - Sindhi Bible

20 اسان جا وڏا هن جبل تي عبادت ڪندا هئا؛ ۽ اوهين چئو ٿا تہ اها جاءِ جتي عبادت ڪرڻ گهرجي سا يروشلم ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي ڀڳتي ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي ڀڳتي ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي عبادت ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اسان جا وڏا تہ ھن جبل تي عبادت ڪندا ھئا، پر اوھين يھودي چئو ٿا تہ ’جنھن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آھي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند هن کي چيو تہ جيڪا دعا تو منهنجي اڳيان گهري، ۽ جيڪو سوال تو ڪيو آهي سو مون ٻڌو آهي: هيءُ گهر جو تو انهيءَ لاءِ جوڙايو آهي تہ منهنجو نالو هميشہ تائين اُتي رهي، تنهن کي مون پاڪ ڪيو آهي؛ ۽ منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي رهندي.


پوءِ اُتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي خداوند کان دعا گهريائين؛ ۽ هن کيس آسمان مان سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي باهہ موڪلي جواب ڏنو.


تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.


پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


۽ رات جو خداوند سليمان کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هيءَ جاءِ پنهنجي قربانيءَ جي گهر لاءِ پسند ڪئي اٿم.


ڇالاءِ جو مون هاڻي هي گهر پسند ۽ پاڪ ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجو نالو انهيءَ ۾ هميشہ لاءِ قائم رهي: ۽ منهنجون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي هوندي.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي چونڊيو آهي؛ ۽ انهن کي پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو اٿس.


پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


پر اُنهن کيس نہ قبوليو، ڇالاءِ جو سندس رخ يروشلم ڏانهن هو.


اسان جو ڏاڏو يعقوب جنهن اسان کي کوهہ ڏنو، ۽ جنهن مان پاڻ ۽ سندس پٽ ۽ سندس مال پيئندو هو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟


۽ وري هيئن ٿيندو، تہ جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تڏهن تون گرازيم جبل تان برڪت ڏج، ۽ عيبال جبل تان لعنت ڪج.


جڏهن اوهين يردن لنگهي پار وڃو، تڏهن شمعون لاوي، يهوداہ، اشڪار، يوسف ۽ بنيمين جا قبيلا گرازيم جبل تي بيهي ماڻهن کي برڪتون ٻڌائين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ