Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:15 - Sindhi Bible

15 انهيءَ زال چيس تہ اي سائين، اُهو پاڻي مون کي ڏي تہ نہ اُڃ لڳيم، نڪي هيترو پنڌ ڪري هت ڀرڻ اچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهن تي انهيءَ ناريءَ چيو تہ ”اي سوامي! پوءِ مون کي اهو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري هيترو پنڌ ڪري هتي پاڻي ڀرڻ اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تنهن تي انهيءَ عورت چيو تہ ”اي سائين! پوءِ مون کي اهو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري هيترو پنڌ ڪري هتي پاڻي ڀرڻ اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 انھيءَ عورت چيو تہ ”پوءِ اي سائين! مون کي اھو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري ھيترو پنڌ ڪري ھتي پاڻي ڀرڻ اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.


يسوع چيس تہ وڃي پنهنجي مڙس کي هت سڏي اچ.


يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين جو مون کي ڳوليو ٿا، سو انهي لاءِ نہ تہ معجزا ڏٺا اٿوَ، پر انهي لاءِ جو مانيون کائي ڍءُ ڪيو اٿوَ.


تنهن تي هنن چيس، تہ اي خداوند، اها ماني تہ اسان کي هميشہ ڏي.


يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.


ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.


ڇالاءِ تہ جيڪي جسماني آهن، سي جسماني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن؛ پر جي روحاني آهن، سي روحاني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن.


هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن.


اوهين گهُرو ٿا پر حاصل نٿا ڪريو، جو اوهين بريءَ نيت سان ٿا گهُرو، انهي لاءِ تہ پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ