Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:10 - Sindhi Bible

10 يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:10
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، تو نماڻن جي خواهش ٻڌي آهي: تون انهن جي دل کي تيار ڪندين، تون ڪن ڏيئي ٻڌندين:


هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي.


۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.


تون باغن جو چشمو، آبِ حيات جو کوهہ، ۽ لبنان مان وهي ايندڙ نهرون آهين.


تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا.


تڏهن منڊو ماڻهو هرڻ وانگي ٽپندو، ۽ گونگي جي زبان ڳائڻ لڳندي: ڇالاءِ جو بيابان ۾ پاڻي، ۽ رڻ پٽ ۾ چشما ڦاٽي نڪرندا.


مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛


جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


انهي ڪري اي ڪڃري، خداوند جو ڪلام ٻڌ:


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.


پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.


۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.


۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.


آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


خداوند چيس تہ اُٿ، انهيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ، جنهن کي سنئين ڪري سڏيندا آهن، ۽ يهوداهہ جي گهر ۾، ترسس واري شائول جي وڃي پڇا ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، هو دعا پيو گهُري؛


جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟


اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.


۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو.


شڪر خدا جو انهيءَ بخشش لاءِ، جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.


ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –


ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو هڪ دفعي روشن دل ٿيا، ۽ آسمان واريءَ بخشش جو سواد چکيائون، ۽ پاڪ روح حاصل ڪيائون،


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ