Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن خداوند کي خبر پيئي تہ فريسين ٻُڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان بہ وڌيڪ شاگرد پيو ڪري ۽ بپتسما پيو ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان وڌيڪ چيلا ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 فريسين ٻڌو تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رھيو آھي ۽ بپتسما ڏيئي رھيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،


۽ جيڪڏهن ڪو اوهان کان کڻي پڇي، تہ ڇو ٿا ڇوڙيوس؟ تہ هيئن چئجو تہ خداوند کي انهي جي گهُرج آهي.


هنن چيو تہ خداوند کي هن جي گهُرج آهي.


ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.


۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.


تنهن تي يوحنا پنهنجن شاگردن مان ٻن کي ڪوٺي خداوند وٽ موڪليو، ۽ پڇيائينس تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع ۽ سندس شاگرد يهوديہ ملڪ ۾ آيا؛ ۽ هو اُتي هنن سان گڏ رهي پيو، ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو.


۽ اُنهن يوحنا وٽ اچي کيس چيو تہ اي اُستاد، اُهو جو يردن جي هن ڀر تو ساڻ هو، جنهن بابت تو شاهدي ڀري آهي، ڏس اُهو بپتسما پيو ڏئي، ۽ سڀيئي ماڻهو هن وٽ پيا وڃن.


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


ڇالاءِ جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ، پر خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ موڪليو، سو بہ فصيح ڏاهپ ڪري نہ، متان مسيح جو صليب بي اثر ٿي پوي.


پهريون ماڻهو مٽيءَ مان ٺهيو ۽ مٽي آهي، ٻيو ماڻهو آسمان مان آهي.


هن جهان جي حاڪمن مان ڪنهن کي انهي جي سمجهہ ڪانہ هئي؛ ڇالاءِ تہ جي کين انهي جي سمجهہ هجي ها، تہ جلال واري خداوند کي صليب تي ڪين چاڙهين ها.


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


اي منهنجا ڀائرو، اسان جو خداوند يسوع مسيح، جو جلال وارو آهي، تنهن ۾ اوهان جو ايمان اهڙو هجي جو ڪنهن جي بہ پاسخاطري نہ ٿئي.


۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ