Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:33 - Sindhi Bible

33 جنهن سندس شاهدي قبول ڪئي آهي، تنهن هن ڳالهہ تي مهر هڻي ڇڏي آهي تہ خدا سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ ايشور سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ خدا سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:33
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.


تنهنڪري جڏهن آئون اهو ڪم پورو ڪندس، ۽ جيڪي گڏ ٿيو، سو هنن کي پهچائي ڏيندس، تڏهن اوهان وٽان ٿيندو اسپين ڏانهن ويندس.


۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛


جيڪڏهن آئون ٻين جي لاءِ رسول نہ آهيان، تہ بہ لٿي پٿي اوهان جي لاءِ تہ آهيان؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ خداوند ۾ منهنجي رسالت جي مُهر آهيو.


پر خدا ٿو ڄاڻي تہ اسين جيڪي اوهان کي چئون ٿا، تنهن ۾ هائو ۽ نہ ٻئي نہ آهن.


انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين.


جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي،


۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


تنهنڪري خدا جڏهن واعدي جي وارثن کي زيادہ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گهُريو تہ سندس ارادي ۾ ڪا ڦير گهير ڪانہ ٿيندي، تڏهن قسم کنيائين؛


جي اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تہ هن کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ سندس ڪلام اسان ۾ نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ