Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:31 - Sindhi Bible

31 جيڪو مٿان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي: جيڪو زمين جو آهي، سو زمين جو ئي آهي ۽ زمين جون ئي ڳالهيون ٿو ڪري: جو آسمان کان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو سنسار سان واسطو رکي ٿو سو سنسار جو آهي ۽ سنسار جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو ايشور وٽان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو دنيا سان واسطو رکي ٿو سو دنيا جو آهي ۽ دنيا جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو عرش عظيم کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:31
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


يوحنا هن بابت شاهدي ڀري پڪاري چيو، تہ هي اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.


اُهو ئي آهي جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


هيءُ اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو، تہ مون کان پوءِ هڪڙو شخص ٿو اچي، جو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.


ضروري آهي تہ هو وڌي، پر آئون گهَٽجان.


ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.


آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


۽ هن چين تہ اوهين آهيو هيٺ جا، ۽ آئون آهيان مٿان جو: اوهين هن دنيا جا آهيو، آئون هن دنيا جو نہ آهيان.


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.


هاڻي پهرئين عهد ۾ بہ عبادت جا قانون هئا، ۽ انهي جي پاڪ جاءِ هن دنيا جي هئي.


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


هو دنيا جا آهن، تنهنڪري دنيا جون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ دنيا انهن جي ٻُڌي ٿي.


۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ