Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:20 - Sindhi Bible

20 ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:20
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ٿالهي کڻي اهي هن جي اڳيان اُن ۾ اُٿلائي وڌيون، پر هن نہ کاڌيون، ۽ امنون چيو تہ مون وٽان سڀ ماڻهو ٻاهر ڪڍي ڇڏ. ۽ سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي.


۽ هن اڌ رات جو اُٿي منهنجو پٽ منهنجي پاسي مان کنيو ۽ انهيءَ مهل تنهنجي ٻانهي سُتي پيئي هئي، ۽ انهيءَ کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين، ۽ پنهنجو مئل ٻار منهنجي بغل ۾ سمهاري ويئي.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


ڇالاءِ جو جن علم کي ڌڪاريو ۽ خدا جي خوف کي پسند نہ ڪيو:


ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.


جيڪو پنهنجون اکيون بند ٿو ڪري سو انهيءَ لاءِ ٿو ڪري تہ بيهوديون ڳالهيون رٿي: جيڪو پنهنجا چپ ڀيڙي ٿو سو خرابيءَ پيدا ڪري ٿو.


جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛


پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي.


۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛


تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.


تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم وراڻي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، هي جيڪي تون چئين ٿو تنهن ۾ اسان کي بہ طعنو ٿو هڻين.


پر جيڪو سچ تي ٿو هلي، سو روشنائيءَ ۾ ٿو اچي تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جو اُهي خدا جي مرضيءَ موجب ڪيل آهن.


ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ