Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:18 - Sindhi Bible

18 جيڪو مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن جي عدالت نٿي ٿئي: پر جيڪو ايمان نٿو آڻي، تنهن جي عدالت تہ اڳيئي ٿي چڪي آهي، هن ڪري جو هن خدا جي هڪڙي ئي فرزند جي نالي تي ايمان نہ آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو وشواس نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو اڳي ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جي اڪيلي پٽ تي وشواس نہ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ اڳي ئي جاري ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو.


پر جن جن کيس قبول ڪيو، تن کي اِهو حق ڏنائين تہ خدا جا ٻار ٿين، بلڪ اُنهن کي جي سندس نالي تي ايمان ٿا آڻين:


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.


ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ جي هيءَ مرضي آهي، تہ هرهڪ جو پٽ کي ڏسي ٿو، ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي هميشہ جي زندگي ملي؛ ۽ آئون پوئين ڏينهن هن کي جياري اُٿاريندس.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي انهيءَ جي آهي.


تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.


تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


سو اسين ڏسون ٿا تہ هو ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل نہ ٿي سگهيا.


۽ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون، ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريون، جيئن تہ هن اسان کي حڪم ڏنو.


خدا جو پيار، اسان منجهہ هن طرح ظاهر ٿيو جو خدا پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ اسين انهي جي وسيلي جيئرا رهون.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس.


جنهن وٽ فرزند آهي، تنهن وٽ زندگي آهي؛ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ