Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:15 - Sindhi Bible

15 تہ جيڪو بہ ايمان آڻي، تنهن کي منجهس هميشہ جي زندگي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 انهيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي تنهن کي امر جيون ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي تنهن کي دائمي زندگي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 انھيءَ لاءِ تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي تنھن کي دائمي زندگي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:15
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.


سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ جوڙيو، ۽ انهي کي هڪڙي ڊگهيءَ ڪاٺيءَ تي لٽڪايائين: ۽ هيئن ٿيو، تہ جنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي، تنهن جڏهن پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو، تہ جيئرو ٿي رهيو.


ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.


۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.


جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو.


ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.


پر جن جن کيس قبول ڪيو، تن کي اِهو حق ڏنائين تہ خدا جا ٻار ٿين، بلڪ اُنهن کي جي سندس نالي تي ايمان ٿا آڻين:


اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ جي هيءَ مرضي آهي، تہ هرهڪ جو پٽ کي ڏسي ٿو، ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي هميشہ جي زندگي ملي؛ ۽ آئون پوئين ڏينهن هن کي جياري اُٿاريندس.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي انهيءَ جي آهي.


”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“


۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟


انهي لاءِ تہ جيئن گناهہ موت جي ڪري بادشاهي ڪئي، تيئن فضل بہ راستبازيءَ جي ڪري، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ بادشاهي ڪري.


ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


پر جي اسان جي خوشخبري ڍڪيل آهي، تہ اُها اُنهن جي ئي لاءِ ڍڪيل آهي جي چٽ پيا ٿين:


تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


پر اسين انهن مان نہ آهيون جي پٺتي هٽي برباد ٿا ٿين؛ بلڪ انهن مان آهيون جي ايمان آڻي پنهنجي روحن کي بچائين ٿا.


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


۽ اهوئي واعدو آهي جو هن اسان سان ڪيو؛ يعني هميشہ جي زندگي.


جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ