Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:25 - Sindhi Bible

25 ۽ ٻيون بہ گهڻيئي ڳالهيون آهن جي يسوع ڪيون، اُهي جي هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن تہ آئون ڀانيان ٿو تہ ايترا ڪتاب لکجي وڃن جو هوند دنيا ۾ نہ مائجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي يسوع ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ شاستر لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي سنسار ۾ نہ سمائجي سگھن ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي عيسيٰ ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون آھن جيڪي عيسيٰ ڪيون ھيون. اھي جيڪڏھن ھڪڙي ھڪڙي ڪري ويھي لکجن ھا تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ھا جو ھوند دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:25
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، اهي تہ فقط هن جي رستن جا پاسا ۽ ڪنڊون آهن، اسين هن جو آواز ڪهڙو نہ ماٺيڻو ٻڌون ٿا! پر هن جي زبردست ڪمن جي گجگوڙ ڪير سمجهي ٿو سگهي؟


اي خداوند منهنجا خدا جيڪي عجيب ڪم تو ڪيا آهن، ۽ اسان ڏانهن جيڪي تنهنجا خيال آهن سي گهڻيئي آهن: اهي تنهنجي اڳيان ترتيب وار شمار ڪري ڪين سگهبا؛ جيڪڏهن آءٌ اهي ظاهر ڪريان ۽ انهن جو بيان ڪريان، تہ اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.


منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.


۽ ٻيو هي بہ تہ اي منهنجا پٽ، نصيحت وٺ: گهڻن ڪتابن لکڻ جي حد ئي ڪانهي: ۽ گهڻو پڙهڻ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي.


تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت ۾ دولتمند ماڻهوءَ جي گهڙڻ کان، سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ سولو آهي.


۽ جن اُهو رنگ ڏٺو هو، تن انهي ڀوتاريل ماڻهوءَ جي حقيقت ۽ سوئرن جي ڳالهہ هنن کي ڪري ٻڌائي.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“


هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ