Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:22 - Sindhi Bible

22 يسوع چيس، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ اُنهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟ تون منهنجي پٺيان اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ تون منھنجي پٺيان اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


ڇالاءِ تہ جيئن وڄ اُڀرندي کان کنوندي الهندي تائين چمڪاٽ ڪندي آهي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو.


۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟


تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇالاءِ جو جنهن گهڙيءَ جو اوهان کي خيال ئي ڪونہ هوندو، اُنهيءَ ۾ ابن آدم ايندو.


پر جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال ۾ ايندو، ۽ سڀ ملائڪ بہ ساڻس هوندا، تڏهن هو پنهنجي جلال جي تخت تي اچي ويهندو.


پر يسوع چيس تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ڀلي تہ مردا پنهنجن مردن کي دفن ڪن.


۽ هن کين چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين خدا جي بادشاهت کي قدرت سان آيل نہ ڏسندا، تيسين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.


هاڻي انهي چوڻ جي مراد اِها هيس، تہ ڏيکاريان تہ هو ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلال ظاهر ڪندو. ۽ جڏهن هيءَ ڳالهہ ڪري چڪو، تنهن کانپوءِ چيائينس، تہ منهنجي پٺيان اچ.


پوءِ پطرس جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن يسوع کي چيائين تہ اي خداوند، هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟


ڇالاءِ جو جڏهن بہ اوهين هي ماني کائو ٿا، ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جي پڌرائي ٿا ڪريو، جيسين ڪ هو پاڻ اچي.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟


تنهنڪري اي ڀائرو، خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي ڦل لاءِ جيستائين آڳاٽو ۽ پاڇاٽو مينهن نٿو پوي، تيستائين صبر سان انتظار ٿو ڪري.


اوهين بہ صبر ڪريو؛ پنهنجيون دليون مضبوط ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جو اچڻ ويجهو آهي.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


انهي هوندي بہ جيڪي اوهان کي مليو آهي سو قابو ڪجو، جيسين ڪ آئون اچان.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.


۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.


آئون جلد اچڻو آهيان: جيڪي تو وٽ آهي سو سنڀالي رک، تہ ڪوبہ تنهنجو تاج ڦري نہ وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ