Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:20 - Sindhi Bible

20 پطرس پٺيان ڦري نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اُهو شاگرد جنهن تي يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي؛ جنهن رات جي مانيءَ مهل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي چيو هوس تہ خداوند توکي ڪير جهلائيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو چيلو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ چيلي رات جي رسوئي کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”خداوند! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اھو شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو پٺيان پيو اچي. انھيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مھل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو ھوس تہ ”خداوند! اھو ڪير آھي جيڪو تو کي پڪڙائيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:20
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو جيڪو مون کي جهلائي ٿو، سو اچي پهتو آهي.


تنهن تي اُٿي ڊوڙي، ۽ شمعون پطرس ۽ اُنهي ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن تي يسوع جو پيار هو، ۽ چيائين، تہ خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.


پوءِ پطرس جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن يسوع کي چيائين تہ اي خداوند، هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟


هيءُ اُهو شاگرد آهي جو اُنهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، ۽ اهي ڳالهيون لکيون اٿس: ۽ اسان کي خبر آهي تہ سندس شاهدي سچي آهي.


پوءِ اُهو شاگرد، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو، تہ خداوند اٿيئي. جڏهن شمعون پطرس ٻُڌو تہ خداوند آهي، تڏهن ڪپڙو چيلهہ سان ٻَڌائين (ڇالاءِ تہ اُگهاڙو هو،) ۽ پوءِ سمنڊ ۾ ٽپي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ