Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:18 - Sindhi Bible

18 آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون جوان هُئين، تڏهن تون پنهنجو سندرو پاڻ هي ٻَڌندو هُئين، ۽ جيڏانهن توکي وڻندو هو اوڏانهن گهُمندو ڦرندو هُئين: پر جڏهن پوڙهو ٿيندين، تڏهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندين، ۽ ٻيو توکي چيلهہ سان ٻَڌي اوڏانهن وٺي ويندو، جيڏانهن تنهنجي دل نہ چوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن تون جوان ھئين تہ پنھنجو سندرو پاڻ ٻڌندو ھئين ۽ جيڏانھن تو کي وڻندو ھو اوڏانھن گھمندو ڦرندو ھئين. پر جڏھن تون پوڙھو ٿيندين تڏھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلھہ سان سندرو ٻڌي اوڏانھن وٺي ويندو جيڏانھن وڃڻ لاءِ تنھنجي دل نہ چوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين.


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


هاڻي انهي چوڻ جي مراد اِها هيس، تہ ڏيکاريان تہ هو ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلال ظاهر ڪندو. ۽ جڏهن هيءَ ڳالهہ ڪري چڪو، تنهن کانپوءِ چيائينس، تہ منهنجي پٺيان اچ.


۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.


ڇالاءِ جو اسين هن تنبوءَ ۾ رهي، بار جي ڪري پيا آهون ڀريون؛ نہ هن لاءِ تہ اها پوشاڪ لاهڻ ٿا گهُرون، پر انهي لاءِ تہ هن جي مٿان ٻي پوشاڪ پايون، تہ جيڪي مرڻ هارڪو آهي سو حياتيءَ ۾ غرق ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ