Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:26 - Sindhi Bible

26 ۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 هفتي کان پوءِ چيلا وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.


يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري.


ڇالاءِ جو خداوند جنهن جو رحم توتي آهي، سو فرمائي ٿو تہ جبل هليا وڃن، ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن؛ پر منهنجي مهرباني تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجو سلامتيءَ وارو عهد ٽري ويندو.


۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع، پطرس ۽ يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو.


۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو.


۽ اڃا هنن اهي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.


۽ انهن ڳالهين کانپوءِ اٽڪل اٺ ڏينهن گذريا، تہ هيئن ٿيو جو پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب کي پاڻ سان گڏ وٺي هڪڙي ٽڪر تي دعا گهرڻ لاءِ ويو.


تڏهن توما، جنهن کي جاڙو بہ چوندا هئا، تنهن پنهنجن سنگتين کي چيو تہ هلو تہ پاڻ بہ هلي ساڻس گڏ مرون.


آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


پوءِ اُنهي ڏينهن، يعني هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن سانجهي ٿي، ۽ اُها جاءِ جتي شاگرد هئا، تنهن جا دروازا يهودين جي خوف کان بند هئا، تڏهن يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.


تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان.


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع وري شاگردن کي تبرياس سمنڊ جي ڪناري تي پاڻ ڏيکاريو؛ ۽ ڏيکاري هن طرح ڏنائين.


هاڻي اُهو ٽيون گهُمرو هو، جو پنهنجي جي اُٿڻ کانپوءِ يسوع شاگردن کي ڏيکاري ڏني.


۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ