Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:15 - Sindhi Bible

15 يسوع چيس، تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟ هن ڀانئيو تہ باغ جو مالي آهي، تنهنڪري چيائينس، تہ سائين جيڪڏهن تون هتان کڻي ويو هجينس تہ ٻڌائينم تہ ڪٿي رکيو اٿئيس تہ آئون کڻي وڃانس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 يسوع چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنھن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ ھي ڪو باغ جو مالھي آھي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏھن تون ھن کي ھتان کڻي ويو ھجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي اچانس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون چيو تہ هاڻي آءٌ اُٿنديس، ۽ شهر جي چوڌاري گهمنديس، تہ جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چؤسُولن تي ڳوليان: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.


اي زالن ۾ تمام سهڻي، تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي وڃي نڪتو آهي، تہ اسين تو سان گڏجي انهي کي ڳوليون؟


اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.


۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.


۽ انهي کين چيو تہ حيران نہ ٿيو، اوهين يسوع ناصريءَ کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون: هو جي اُٿيو آهي؛ هو هتي ڪونهي: اِجها اها جاءِ جتي رکيو هئائونس!


پر هنن ائين ڀانئيو تہ قافلي سان آهي. تنهنڪري هڪڙي ڏينهن جي منزل ڪري ويا؛ ۽ پوءِ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واقفڪارن ۾ کيس ڳولڻ لڳا:


تنهن تي هو ڊڄي ويون، ۽ جهٽ کڻي زمين تي سر جهڪايائون، تڏهن هنن چين تہ اوهين جيئري کي مُئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟


يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟


هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟


تڏهن وري پڇيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟ هنن چيو تہ يسوع ناصريءَ کي.


تن کيس چيو تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ هن چين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانهي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.


تون پنهنجي ٻانهيءَ کي خبيث نہ ڄاڻ: ڇالاءِ جو هيستائين مون پنهنجي ڏک ۽ رنج جي گهڻائيءَ کان پئي ڳالهايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ