Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:12 - Sindhi Bible

12 تہ ڏسي تہ جتي يسوع جو لاش پيل هو، اُتي ٻہ ملائڪ اڇن ڪپڙن سان ويٺا آهن، هڪڙو سيرانديءَ ۽ ٻيو پيرانديءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ۽ ڏٺائين تہ ٻہ دوت اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي يسوع جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي عيسيٰ جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ نوراني پوشاڪ سان انھيءَ جاءِ تي ويٺا آھن جتي عيسيٰ جو ميت رکيل ھو. ھڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لاوي، جي ڳائڻ وارا هئا، سي سڀ، يعني آسف، هيمان، ۽ يدوتون ۽ انهن جا پٽ ۽ انهن جا ڀائر بہ ڪتاني ڪپڙن ۾، جهانجهن، ۽ سنطورن ۽ بربطن سان، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري ڇيڙي وٽ بيهي رهيا، ۽ انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن قرنائون پئي وڄايون:)


منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.


۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.


۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛


پر سرديس ۾ تو وٽ ڪي اهڙا آهن جن پنهنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا؛ ۽ اُهي سفيد پوشاڪ پائي مون سان گڏ گهُمندا، جو اُهي انهي جا لائق آهن.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ