Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 آچر جي ڏينھن صبح جو سوير اڃا اوندھہ ئي ھئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي، ڇا ڏسي تہ قبر جي منھن تان پٿر پري ھٽيو پيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ۾ مريم مگدليني ۽ يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ هيون.


ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو.


تنهنڪري حڪم ڪر تہ ٽئين ڏينهن تائين قبر جي حفاظت ڪجي، متان سندس شاگرد اچي چورائي وڃنس، ۽ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي: تہ متان هيءَ پوئين ڀل پهرين کان بہ وڌيڪ خرابي پيدا ڪري.


تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون.


هاڻي سبت کانپوءِ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن پرهہ ڦٽڻ لڳي، تڏهن مريم مگدليني ۽ هوءَ ٻي مريم قبر ڏسڻ آيون.


۽ ڏسو، ڏاڍو زور جو زلزلو ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان لٿو، ۽ پهڻ کي ليٽائي پاسي ڪري، انهي تي چڙهي ويٺو.


۽ هن هڪڙي سنهي سڻيءَ جي چادر خريد ڪئي، ۽ هن کي لاهي انهيءَ سڻيءَ جي چادر ۾ ويڙهيائين، ۽ هڪڙيءَ قبر ۾ رکيائينس، جا هڪڙي ٽڪر ۾ کوٽيل هئي؛ ۽ هن هڪڙو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو.


هاڻ سويرو هفتي جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هو جي اُٿيو، تڏهن پهرين مريم مگدليني، جنهن مان ست ڀوت ڪڍيا هئائين، تنهن کي ڏيکاري ڏنائين.


پوءِ يسوع کي وري بہ دل ۾ رنج ٿيو، ۽ قبر تي آيو. اُها هڪڙي غار هئي، ۽ ان جي آڏو هڪ پهڻ ڏنل هو.


تڏهن هنن پهڻ هٽايو، ۽ يسوع اکيون مٿي کڻي چيو تہ اي بابا، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان جو تو منهنجي ٻُڌي آهي.


هاڻي يسوع جي صليب وٽ سندس ماءُ، سندس ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم، ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.


۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.


۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن اسين ماني ڀڃڻ لاءِ گڏ ٿياسين، تڏهن پولس ٻئي ڏينهن اُتان نڪرڻ جي ارادي سان، ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ لڳو، ۽ آڌيءَ رات تائين تقرير ڪندو رهيو.


هفتي جي پهرئين ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجي وسعت آهر، ڪجهہ بچائي گڏ ڪري رکي، انهي لاءِ تہ جڏهن آئون اچان، تڏهن ڪوبہ چندو گڏ ڪرڻو نہ پوي.


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ