Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:5 - Sindhi Bible

5 هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تنهن تي يسوع جي ماتا نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن مصر جو سارو ملڪ بک مرڻ لڳو، تڏهن ماڻهو کاڌي جي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا: ۽ فرعون سڀني مصرين کي چيو تہ اوهين يوسف وٽ وڃو، ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.


سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.


۽ مون ائين ئي ڪيو، جيئن مون کي حڪم مليو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي، ۽ شام جي وقت مون پنهنجي هٿ سان ڀت کي کوٽي ٽُنگ ڪيو؛ ۽ اونداهي ۾ انهي مان سامان ڪڍيم ۽ هنن جي ڏسندي اُهو پنهنجي ڪلهي تي رکي کڻي ويس.


اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.


۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛


ڊاک جي ڪابہ شيءِ نہ کائي، نڪي شراب يا ڪا نشي جهڙي شيءِ پيئي، نڪي ڪا ناپاڪ شيءِ کائي؛ جن ڳالهين بابت مون هن کي حڪم ڏنو سي سڀ بجا آڻي.


۽ هوءَ ڳاهڻ واري پڙ ڏانهن ويئي، ۽ سڀ جيڪي سسڻس چيو هوس تيئن ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ