Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:2 - Sindhi Bible

2 ۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 يسوع ۽ سندس چيلا بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:2
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهو نہ جهيڙو ڪندو ۽ نہ هُل ڪندو، ۽ نہ بازارن ۾ سندس آواز ڪنهن کي ٻُڌڻ ۾ ايندو.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


تڏهن هو وراڻي ڏيئي چوندن، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان هنن مان سڀ کان ننڍي سان ائين نہ ڪيو، تہ اوهان مون سان بہ ائين نہ ڪيو.


تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.


اتي سندس شاگردن کي ياد آيو، تہ لکيل آهي تہ تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويندي.


پوءِ جڏهن هو مُئلن مان جي اُٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن اها ڳالهہ ڪئي هئي: ۽ هنن کي پاڪ لکيت، ۽ يسوع جي ڪلام تي ايمان آيو.


۽ جڏهن انگوري رس کُٽي پيئي، تڏهن يسوع جي ماءُ کيس چيو، تہ هنن وٽ تہ مئي آهي ئي ڪانہ.


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع ۽ سندس شاگرد يهوديہ ملڪ ۾ آيا؛ ۽ هو اُتي هنن سان گڏ رهي پيو، ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو.


(اگرچہ يسوع پاڻ نہ، پر سندس شاگردن بپتسما ٿي ڏني)


تڏهن شاگرد پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ڪنهن کائڻ لاءِ ڪي آڻي ڏنو اٿس ڇا؟


ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.


۽ جڏهن هو ڍءُ ڪري رهيا، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چيائين، تہ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا آهن، سي ميڙي کڻو، تہ ڪي بہ اجايو نہ وڃي.


جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن سندس شاگرد سمنڊ تي ويا،


انهي ڪري سندس شاگردن مان گهڻن، جڏهن هيءُ ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءَ ڳالهہ تہ سخت آهي؛ اِها ڪير ٻُڌي سگهندو؟


تنهن تي سندس گهڻا شاگرد پٺتي موٽي هليا ويا، ۽ وري ساڻس ڪڏهن گهُمڻ جي نہ ڪيائون.


تڏهن يسوع هنن ٻارهن ڄڻن کي چيو، تہ اوهين بہ وڃڻ چاهيو ٿا ڇا؟


يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون اوهان ٻارهن ئي کي ڪين چونڊيو آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو شيطان آهي؟


هن هيءَ ڳالهہ شمعون اسڪريوتي جي پٽ يهوداهہ جي بابت ڪئي، ڇالاءِ تہ اُهوئي ٻارهن مان هڪڙو هو، جنهن جهلايس.


تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي شمعون پطرس جي ڀاءُ اندرياس چيس تہ


تڏهن سندس ڀائر چوڻ لڳس تہ هتان نڪري يهوديہ ۾ وڃ، تہ جيڪي ڪم تون پيو ڪرين، سي تنهنجا شاگرد بہ ڏسن.


۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.


سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


زال ايتري عرصي تائين مڙس سان ٻَڌل آهي، جيستائين هو جيئرو آهي پر جڏهن مڙس مري ٿو وڃي، تڏهن آزاد ٿي ٿئي، پوءِ جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، پر رڳو خداوند ۾.


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ