Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:19 - Sindhi Bible

19 يسوع جواب ڏيئي چين تہ هن هيڪل کي ڊاهيو، تہ آئون ٽن ڏينهن ۾ اُهو کڙو ڪري بيهاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 يسوع وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ھن ھيڪل کي ڊاھيو تہ آءٌ اھو ٽن ڏينھن ۾ وري ٺاھيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان.


اي هيڪل کي ڊاهڻ ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا، پاڻ کي بچاءِ: جي تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان لهي اچ.


۽ چيائونس تہ سائين، اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو، تڏهن چوندو هو تہ ٽن ڏينهن کانپوءِ آئون وري جي اُٿندس.


اسان هن کي چوندو ٻُڌو آهي، تہ هي هيڪل جو هٿن سان جوڙيو ويو آهي، تنهن کي آئون ڊاهيندس، ۽ وري ٽن ڏينهن ۾ ٻيو اڏيندس، جو هٿن کانسواءِ جُڙيل هوندو.


۽ جيڪي اُتان لنگهيا ٿي، تن هن تي ٺٺوليون ٿي ڪيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي چيائون ٿي تہ واهہ: هيڪل کي ڊاهڻ وارا ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا!


پوءِ هو اُنهن کي تعليم ڏيڻ لڳو، تہ ضروري آهي تہ ابن آدم گهڻيون سختيون سَهي، ۽ بزرگ ۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ کيس رد ڪن، ۽ هو ماريو وڃي، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿي.


يسوع چيس، تہ قيامت ۽ زندگي آئون آهيان: جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو جي مري وڃي، تہ بہ جيئندو.


تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.


پر اسان جي لاءِ بہ، جن جي واسطي ايمان راستبازي ليکبو، انهي لاءِ تہ اسان مٿس ايمان آندو آهي، جنهن اسان جي خداوند يسوع کي مُئلن مان جياريو،


تنهنڪري اسين هن جي موت ۾ بپتسما جي وسيلي هن سان گڏ دفن ٿياسين: انهي لاءِ تہ جيئن مسيح پيءُ جي جلال جي وسيلي مُئلن مان جياريو ويو، تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ هلون.


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


هاڻي جيڪڏهن مسيح جي نسبت ۾ اها منادي ٿي ڪجي تہ هو مُئلن مان جي اُٿيو آهي، تڏهن اوهان مان ڪي ڪيئن چون ٿا تہ مُئلن جي قيامت ڪانهي؟


۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ