Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:16 - Sindhi Bible

16 ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ اهي هتان کڻي وڃو؛ منهنجي پيءُ جي گهر کي بازار نہ بنايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پتا جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيءُ گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، سو اوهان جي نظر ۾ ڌاڙيلن جي پاٿاري ٿي پيو آهي ڇا؟ خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، مون، هائو مون اهو ڏٺو آهي.


۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


۽ انهن کي چيائين تہ لکيل آهي تہ ”منهنجو گهر دعا جو گهر سڏبو:“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنائي آهي.


پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي منهن هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن، ڪو پنهنجي واپار تي:


۽ تعليم ڏيڻ لڳن، ۽ چيائين تہ ائين لکيل نہ آهي ڇا، تہ ”منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ دعا جو گهر سڏبو؟“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري کڻي بنايو آهي.


تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟


منهنجو پيءُ جنهن اُهي مون کي ڏنيون آهن، سو سڀني کان وڏو آهي؛ ۽ ڪنهن کي بہ اها طاقت ڪانهي تہ پيءُ جي هٿ مان اُهي کسي سگهي.


تنهن تي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي، رڍن توڙي ڍڳن، مڙني کي هيڪل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ صرافن جا پيسا اُڇلائي سندن صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛


يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ.


پر يسوع کين جواب ڏنو، تہ منهنجو پيءُ اڄ تائين ڪم پيو ڪري، ۽ آئون بہ پيو ڪم ڪريان.


يسوع جواب ڏنو تہ مون ۾ ڀوت ڪونهي، پر آئون پنهنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجي بي عزتي ٿا ڪريو.


۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ