Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:12 - Sindhi Bible

12 تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تنھن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڪجھہ ڏينھن رھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها.


اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.


۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:


هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.


۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.


پوءِ هو وري گليل جي قانا شهر ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ مان مئي ٺاهي هئي، ۽ اُتي هڪڙو امير هو، جنهن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار هو.


۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ جي پار ڪفرناحوم ڏانهن روانا ٿيا، ۽ مٿان اچي اونداهي ٿي، ۽ يسوع اڃا وٽن ڪونہ آيو هو.


اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟


پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ