Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:11 - Sindhi Bible

11 هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:11
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُنهيءَ زال ايلياہ کي چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿي تہ تون خدا جو ٻانهو آهين، ۽ تنهنجي وات ۾ جو خدا جو ڪلام آهي سو سچو آهي.


هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين.


قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، ۽ سڀني ماڻهن ۾ سندس عجيب ڪم جو بيان ڪريو.


اهو وڏو معجزو، جو خداوند مصرين تي ڪيو، سو اسرائيل ڏٺو ۽ ماڻهو خداوند کان ڊنا؛ ۽ هنن خداوند تي، ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ايمان آندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪندا ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندا، تہ تون درياهہ جو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هارج، ۽ جيڪو پاڻي تون درياهہ مان ڪڍندين، سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


ٻئي ڏينهن يسوع گليل ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، ۽ فلپس کي وڃي گڏيو، ۽ چيائينس تہ منهنجي پٺيان اچ.


يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.


۽ گهڻا وٽس آيا، ۽ اهي چوڻ لڳا تہ يوحنا تہ ڪوبہ معجزو ڪونہ ڏيکاريو، باقي جيڪي ڳالهيون يوحنا هن جي نالي چيون ٿي سي سڀ اچي لڳيون.


۽ آئون اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هوس، انهي لاءِ تہ اوهين ايمان آڻيو، پر هلو تہ وٽس هلون.


تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.


۽ پڻ انهي سبب ڪري ڪيترا ماڻهو سندس استقبال لاءِ ويا هئا، ڇالاءِ جو هنن ٻُڌو تہ هن اهو معجزو ڪيو آهي.


پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو.


يسعياہ جو اهي ڳالهيون چيون ۽ سندس ذڪر ڪيو، سو هن ڪري جو هن سندس جلال ڏٺو.


۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي.


ڇالاءِ تہ پيءُ پاڻ اوهان کي پيار ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اوهان مون کي پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آئون پيءُ وٽان آيس.


هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.


پوءِ ٽئين ڏينهن گليل جي قانا شهر ۾ ڪا شادي هئي، ۽ يسوع جي ماءُ اُتي هئي:


هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو.


سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.


تڏهن هو يهوديہ مان نڪري وري گليل ڏانهن روانو ٿيو.


پوءِ هو وري گليل جي قانا شهر ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ مان مئي ٺاهي هئي، ۽ اُتي هڪڙو امير هو، جنهن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار هو.


هي وري ٻيو معجزو آهي، جو يسوع يهوديہ مان گليل ۾ اچي ڏيکاريو.


تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي.


پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي.


۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا.


يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين جو مون کي ڳوليو ٿا، سو انهي لاءِ نہ تہ معجزا ڏٺا اٿوَ، پر انهي لاءِ جو مانيون کائي ڍءُ ڪيو اٿوَ.


تنهن تي هنن چيس، تہ پوءِ تون اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين تہ اسين ڏسي توکي قبول ڪريون؟ تون ڪهڙو ڪم ٿو ڪرين؟


پر انهن مان گهڻن مٿس ايمان آندو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ مسيح جڏهن ايندو، تڏهن جيڪي معجزا هن ڪيا آهن، تن کان وڌيڪ ڪندو ڇا؟


تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو.


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


۽ اوهان چيو، تہ ڏس، خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت ڏيکاري آهي، ۽ اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي: اڄ اسان ڏٺو آهي، تہ خدا ماڻهوءَ سان ڳالهائي ٿو، تہ بہ ماڻهو جيئرو ٿو رهي.


اوهين جي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان ٿا رکو، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون لکيون آهن، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ اوهان کي هميشہ جي زندگي ملي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ