Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:42 - Sindhi Bible

42 تنهن ڪري اُتي يهودين جي تياريءَ جي ڏينهن جي سبب يسوع کي کڻي رکيائون، (ڇالاءِ جو اُها قبر ويجهي هئي).

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري يسوع جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري عيسيٰ جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 جيئن تہ انھيءَ ڏينھن يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو تنھنڪري عيسيٰ کي کڻي اتي ئي دفن ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو اھا قبر ويجھي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:42
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي.


جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ هن جي وات ۾ ڪابہ ٺڳي نہ هئي، تہ بہ هنن ان جي قبر شريرن سان مقرر ڪئي، ۽ مرڻ کان پوءِ هو دولتمندن سان گڏ ٿيو.


ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


هاڻي اُهو فسح جي تياريءَ جو ڏينهن هو: ۽ اٽڪل ڇهون ڪلاڪ هو. ۽ هن يهودين کي چيو، تہ اِجهو اوهان جو بادشاهہ!


پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا.


اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.)


هاڻي جتي کيس صليب تي چاڙهيو هئائون، اُتي هڪڙو باغ هو؛ ۽ اُنهي باغ ۾ هڪڙي نئين قبر هئي، جنهن ۾ اڃا ڪنهن کي بہ نہ رکيو هئائون.


۽ جيڪي ڳالهيون سندس بابت لکيل هيون، سي سڀ جڏهن پوريون ڪيائون، تڏهن هن کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکيائون.


۽ دفن ٿيو، ۽ پاڪ لکيت موجب ٽئين ڏينهن جي اُٿيو،


۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ