Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:40 - Sindhi Bible

40 پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جو دستور آهي، تنهن موافق اُنهن بہ يسوع جو لاش کڻي سرهاڻين سان گڏ سنهن ڪپڙن ۾ ويڙهي ٻَڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ يسوع جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پوءِ جيئن يھودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آھي تيئن انھن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:40
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي طبيب يوسف وٽ نوڪر هئا، تن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو: ۽ طبيبن اسرائيل کي سرهاڻ سان ڀريو.


۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.


ڇالاءِ تہ هن جو منهنجي بدن تي هيءُ عطر اوتيو آهي سو منهنجي دفن جي تياريءَ واسطي ائين ڪيو اٿس.


هن کان جيڪي ٿي سگهيو، سو هن ڪيو آهي: هن منهنجي بدن کي دفن جي لاءِ اڳيئي عطر مکيو آهي.


پر پطرس اُٿي قبر ڏانهن ڊوڙيو، ۽ نِوڙي اندر نهاريائين تہ ڏسي تہ رڳا ڪفن جا ڪپڙا پيا آهن؛ ۽ جيڪي ٿيو هو، تنهن تي عجب کائيندو گهر موٽيو.


پوءِ اُهو، جو مري ويو هو، سو هٿين پيرين ڪفن ۾ ٻَڌل نڪري آيو؛ ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع چين تہ ڇوڙيوس ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.


تنهن تي يسوع چيو تہ ڇڏيوس تہ اهو منهنجي دفن جي ڏينهن لاءِ رکي.


۽ جوانن اُٿي ڪفن ۾ ويڙهيس، ۽ ٻاهر کڻي ويس ۽ وڃي دفن ڪيائونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ