Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:4 - Sindhi Bible

4 پوءِ پلاطس وري ٻاهر نڪتو، ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون هن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي آيو آهيان، تہ اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي سڌ پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 پلاطس ھڪ دفعو وري ٻاھر آيو ۽ ماڻھن کي چيائين تہ ”اِجھو، آءٌ ھن کي ٻاھر اوھان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


پوءِ پيلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي چيو تہ مون کي تہ هن ماڻهوءَ جو ڪوبہ قصور ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي.


۽ اسان جي سزا تہ حقي واجبي آهي، جو اسين پنهنجو ڪيتو ٿا لوڙيون، پر هن ماڻهوءَ تہ ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي.


۽ هي جيڪي ٿيو، سو صوبيدار ڏسي خدا جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو راستباز هو.


تڏهن پلاطس وري محلات ۾ ويو، ۽ يسوع کي سڏي چيائين تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟


پلاطس چيس تہ سچ ڇا آهي؟ ۽ ائين چئي هو وري يهودين وٽ ٻاهر ويو، ۽ چيائين تہ مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ٿو ڏسڻ ۾ اچي.


پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان.


هن ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو، نڪا سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي؛


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


۽ اوهان کي خبر آهي تہ هو جو ظاهر ٿيو هو، سو انهي لاءِ تہ گناهہ کڻي وڃي؛ ۽ منجهس گناهہ اصل ئي ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ