Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:36 - Sindhi Bible

36 ڇالاءِ جو هي ڳالهيون اِنهي لاءِ ٿيون، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، تہ ”سندس هڪڙو هڏو بہ ڪين ڀڄندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ھن جو ھڪڙو بہ ھڏو نہ ڀڄندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:36
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڪلام خداوند ياهوءَ سان ڪيو، سو هي هو تہ تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا. ۽ ائين ئي ٿيو.


آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.


هو انهي جي سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو: تہ متان انهن مان ڪا ڀڄي نہ پوي.


منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟


اهو هڪڙي ئي گهر ۾ کائجو؛ انهيءَ جي گوشت مان ڪجهہ بہ گهر کان ٻاهر کڻي نہ وڃجو، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃجو.


هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائين، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃن: فسح جي سڀني قانونن موجب هو اها بجاءِ آڻين.


هاڻي اُهي سڀ ڳالهيون انهي لاءِ ٿيون تہ جيڪي خداوند پنهنجي نبيءَ جي معرفت چوايو هو، سو اچي پورو ٿئي تہ


آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


تنهنڪري هنن پاڻ ۾ چيو تہ ڦاڙيونس نٿا، پر اچو تہ پُکا وجهون تہ ڪنهن جو ٿو ٿئي: سو انهي لاءِ تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، جنهن ۾ چيل آهي، تہ ”اُنهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا، ۽ منهنجي چوغي تي پُکا وڌائون.“ تنهنڪري ئي سپاهين ائين ڪيو.


تنهن کانپوءِ يسوع جڏهن ڏٺو تہ هاڻي سڀ ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، تڏهن چيائين تہ مون کي اُڃ لڳي آهي، سو انهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ