Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:34 - Sindhi Bible

34 پر سپاهين مان هڪڙي وٺي ڀالو پاسريءَ ۾ هنيس، ۽ يڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي يسوع جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 مگر سپاھين مان ھڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو ھنيو تہ ھڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:34
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


هاڻي تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ آيا؛


پر جڏهن يسوع وٽ آيا، ۽ ڏٺائون تہ هن اڳيئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ڄنگهون نہ ڀڳائون.


۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجي پاسري ڏيکاريائين. تنهن تي شاگرد خداوند کي ڏسي خوش ٿيا.


۽ هاڻي دير ڇو ٿو ڪرين؟ اُٿي سندس نالي دعا گهُري بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي پون.


اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت، ۽ وهڙيءَ جي رک، ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ ڪري جسم پاڪ ۽ صاف ٿي سگهي ٿو؛


۽ آئون ايترو بہ چئي سگهندس تہ شريعت موجب سڀ شيون رت سان پاڪ ٿيون ٿين، ۽ رت وهائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.


انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان.


ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ