Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:29 - Sindhi Bible

29 هاڻي اُتي هڪڙو ٿانءُ سرڪي سان ڀريو رکيو هو، پوءِ هنن اسفنج سرڪي سان ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي چوسڻ لاءِ ڏنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 اتي هڪڙو ٿانءُ سادي مئي سان ڀريل رکيو هو. تنهن مان انهن سپاهين فوم جهڙي هڪ شيءِ ٻوڙي زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي سندس وات سان لڳايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 اتي هڪڙو ٿانءُ سادي مئي سان ڀريل رکيو هو. تنهن مان انهن سپاهين فوم جهڙي هڪ شيءِ ٻوڙي زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي سندس وات سان لڳايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 اتي ھڪڙو ٿانءُ ڪؤڙي مئي سان ڀريل رکيو ھو. تنھن مان انھن سپاھين فوم جھڙي ھڪ شيءِ ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي کيس چوسڻ لاءِ ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:29
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن وڻن جو بيان ڏنو: ديودار، جو لبنان ۾ ٿئي ٿو تنهن کان وٺي زوفا، جو ڀتين مان ٿو اُڀري تنهن تائين: هن جانورن بابت، ۽ پکين بابت، ۽ سُرندڙن شين بابت، ۽ مڇين بابت بہ بيان ڏنو.


زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


۽ اوهين زوفا جو هڪڙو ڇڳو کڻجو، ۽ ٿالهہ ۾ جيڪو رت هوندو، تنهن ۾ اهو ٻوڙجو، ۽ اهو ٿالهہ وارو رت سردرن ۽ ٻانهين تي ڇٽجو؛ ۽ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گهر جي در کان ٻاهر نہ نڪري.


پوءِ هڪڙو ماڻهو زوفا کڻي انهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ۽ انهي تنبوءَ تي، ۽ سڀني ٿانون تي، ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي، ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن ترار سان ماريل ماڻهو کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا قبر کي هٿ لاتو هجي، تنهن تي ڇاٽاري:


تڏهن هن کي شراب پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ پت گڏيل هو؛ ۽ جڏهن هن اُهو چکيو، تڏهن پيئڻ جي نہ ڪيائين.


۽ يڪدم انهن مان هڪڙو ڄڻو ڊوڙي ويو، ۽ اسفنج کڻي، سرڪي سان ڀري، ڪاني تي رکي، هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.


۽ يسوع وري بہ وڏي واڪي سان پڪاري پنهنجو ساهہ ڏنو.


۽ هڪڙو ڄڻو ڊوڙيو ۽ اسفنج سرڪي سان ڀري ڪاني تي رکي هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين، ۽ چيائين تہ ڇڏي ڏيو؛ ڏسون تہ ايلياهہ هن کي هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.


۽ سپاهي پڻ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس اچي سرڪو آڇيائونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ