Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:28 - Sindhi Bible

28 تنهن کانپوءِ يسوع جڏهن ڏٺو تہ هاڻي سڀ ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، تڏهن چيائين تہ مون کي اُڃ لڳي آهي، سو انهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 پوءِ جڏهن يسوع ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پوِتر شاستر جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:28
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي.


اُنهن مون کي کائڻ لاءِ پت ڏنو؛ ۽ منهنجي اُڃ لاهڻ لاءِ مون کي سرڪو پياريائون.


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان!


۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون.


ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هي جيڪي لکيل آهي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“ سو مون ۾ ضرور پورو ٿيڻو آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي مون سان لاڳاپو ٿو رکي، سو ضرور پورو ٿيندو.


جن جلال ۾ ڏيکاري ڏني، ۽ سندس لاڏاڻي بابت ڳالهيون پئي ڪيائون، جو يروشلم ۾ ٿيڻو هو.


هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، سو مون پورو ڪري زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ڪيو آهي.


هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟


تنهنڪري هنن پاڻ ۾ چيو تہ ڦاڙيونس نٿا، پر اچو تہ پُکا وجهون تہ ڪنهن جو ٿو ٿئي: سو انهي لاءِ تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، جنهن ۾ چيل آهي، تہ ”اُنهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا، ۽ منهنجي چوغي تي پُکا وڌائون.“ تنهنڪري ئي سپاهين ائين ڪيو.


۽ يسوع جڏهن سرڪو وٺي رهيو تڏهن چيائين، تہ پورو ٿيو، ۽ ڪنڌ نِوڙائي جان ڏنائين.


ڇالاءِ جو هي ڳالهيون اِنهي لاءِ ٿيون، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، تہ ”سندس هڪڙو هڏو بہ ڪين ڀڄندو.“


يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


۽ جيڪي ڳالهيون سندس بابت لکيل هيون، سي سڀ جڏهن پوريون ڪيائون، تڏهن هن کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ