Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:24 - Sindhi Bible

24 تنهنڪري هنن پاڻ ۾ چيو تہ ڦاڙيونس نٿا، پر اچو تہ پُکا وجهون تہ ڪنهن جو ٿو ٿئي: سو انهي لاءِ تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، جنهن ۾ چيل آهي، تہ ”اُنهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا، ۽ منهنجي چوغي تي پُکا وڌائون.“ تنهنڪري ئي سپاهين ائين ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 انهيءَ لاءِ سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکو ٿا وجھون تہ اهو ڪنهن جو ٿو ٿئي.“ سپاهين ائين ئي ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”انهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا ۽ منهنجي پوشاڪ لاءِ پُکا وڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 انهيءَ لاءِ سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکو ٿا وجھون تہ اهو ڪنهن جو ٿو ٿئي.“ سپاهين ائين ئي ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”انهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا ۽ منهنجي پوشاڪ لاءِ پُکا وڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا ۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڪلام خداوند ياهوءَ سان ڪيو، سو هي هو تہ تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا. ۽ ائين ئي ٿيو.


اهي منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائين ٿا ۽ منهنجي پوشاڪ تي پُکا ٿا وجهن.


انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجهڻ لاءِ سوراخ هجي ۽ انهي سوراخ جي چوڌاري، گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهي لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي.


انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي.


۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهي رهيا، تڏهن سندس ڪپڙن تي پُکا وجهي پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.


۽ هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ هن جي ڪپڙن تي پُکا وڌائون تہ ڪير ڪهڙو کڻي، انهي طرح پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.


پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا.


جيڪڏهن انهن کي ٿي خدا ڪري ڪوٺيائين، جن وٽ خدا جو ڪلام آيو، (۽ پاڪ لکيت تہ بدلجڻ جي نہ آهي)،


آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


تنهن کانپوءِ يسوع جڏهن ڏٺو تہ هاڻي سڀ ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، تڏهن چيائين تہ مون کي اُڃ لڳي آهي، سو انهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.


ڇالاءِ جو يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن حاڪمن، نڪي کيس قبوليو، نڪي نبين جون ڳالهيون، جي هر ڪنهن سبت جي ڏينهن پڙهبيون آهن، سمجهيون؛ اِنهي سبب، جا فتويٰ جاري ڪيائين، تنهن سان نبين جون ڳالهيون پوريون ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ