Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:20 - Sindhi Bible

20 پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڪيترن ئي يھودين اھو سرنامو پڙھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ھئائون سا جاءِ شھر جي ويجھو ھئي. اھي حرف عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ لکيل ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي مٿان هڪڙو نوشتو لڳايل هو، تہ هيءُ يهودين جو بادشاهہ آهي.


پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.


تنهن ڪري اُتي يهودين جي تياريءَ جي ڏينهن جي سبب يسوع کي کڻي رکيائون، (ڇالاءِ جو اُها قبر ويجهي هئي).


اتي يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبرانيءَ ۾ بيت حسدا ڪري ٿا سڏين، اُنهي کي پنج ڏيڍيون آهن.


جڏهن پولس کي قلعي منجهہ وٺي وڃڻ تي هئا، تڏهن هن پلٽڻ جي سردار کي چيو تہ مون کي موڪل آهي تہ توکي ڪجهہ چوان؟ تنهن تي هن چيس تہ توکي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟


جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ،


۽ جڏهن هنن ٻُڌو تہ عبراني ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي، تڏهن هيڪاري کڻي ماٺ ڪيائون. پوءِ هن چيو تہ،


۽ جڏهن اسين سڀ زمين تي ڪِري پياسين، تڏهن مون هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن عبراني ٻوليءَ ۾ مون کي چيو تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ پڻياٺيءَ تي لت هڻڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي.


تنهنڪري يسوع بہ پنهنجي اُمت کي پاڻ پنهنجي رت جي وسيلي پاڪ ڪرڻ لاءِ دروازي جي ٻاهر ڏک سَٺا.


۽ انهن کين انهي هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ هومگدون ٿا چون.


اُنهن جي مٿان اوڙاهہ وارو ملائڪ بادشاهہ هو: انهي جو نالو عبرانيءَ ٻوليءَ ۾ ابدون آهي، ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ