Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:19 - Sindhi Bible

19 پلاطس هڪ سرنامو بہ لکي کڻي صليب تي هنيو. اُن تي هي حرف هئا، ”يسوع ناصري، يهودين جو بادشاهہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 پلاطس هڪ تختي سوليءَ تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”يسوع ناصري، يهودين جو راجا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پلاطس هڪ تختي صليب تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”عيسيٰ ناصري، يهودين جو بادشاهہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پلاطس ھڪ سرنامو لکائي صليب تي ھڻائي ڇڏيو، جنھن تي لکيل ھو تہ ”عيسيٰ ناصري، يھودين جو بادشاھہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“.


۽ سندس تهمت نامو لکي مٿانئس هڻي ڇڏيائون تہ ”هي يهودين جو بادشاهہ يسوع آهي.“


۽ سندس تهمت نامو لکي مٿس هڻي ڇڏيو هئائونس، تہ ”يهودين جو بادشاهہ“.


۽ هنن چيس تہ يسوع ناصري ٿو لنگهي.


۽ هن جي مٿان هڪڙو نوشتو لڳايل هو، تہ هيءُ يهودين جو بادشاهہ آهي.


نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.


تڏهن پلاطس وري محلات ۾ ويو، ۽ يسوع کي سڏي چيائين تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟


تنهن تي پلاطس کيس ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي: پر يهودين واڪو ڪري چيو تہ جي تو هن ماڻهوءَ کي ڇڏيو آهي، تہ تون قيصر جو خيرخواهہ نہ آهين: جيڪو پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي برخلاف ٿو ڳالهائي.


هاڻي اُهو فسح جي تياريءَ جو ڏينهن هو: ۽ اٽڪل ڇهون ڪلاڪ هو. ۽ هن يهودين کي چيو، تہ اِجهو اوهان جو بادشاهہ!


تنهن تي يهودين جا سردار ڪاهن پلاطس کي چوڻ لڳا تہ ائين نہ لک تہ يهودين جو بادشاهہ، پر هيءُ تہ هن چيو آهي تہ آئون يهودين جو بادشاهہ آهيان.


۽ وٽس اچي چوڻ لڳا، تہ سلام اي يهودين جا بادشاهہ! ۽ لپاٽون هنيائونس.


۽ آئون پاڻ ڀائيندو هوس تہ يسوع ناصري جي نالي جي برخلاف مون کي گهڻو ئي ڪي ڪرڻ گهرجي.


پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ