Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:17 - Sindhi Bible

17 پوءِ هو يسوع کي وٺي هليا: ۽ هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي اُنهي هنڌ آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ گلگتا يعني کوپراٽيءَ واري جاءِ ڪوٺيندا آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هو پاڻ پنهنجي سولي کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ھو پاڻ پنھنجو صليب کڻي انھيءَ جاءِ تي آيو جنھن کي عبرانيءَ ۾ ”گلگٿا“ يعني ”کوپريءَ واري جاءِ“ سڏيندا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:17
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرهام قربانيءَ جون ڪاٺيون کڻي پنهنجي پٽ اسحاق تي رکيون، ۽ باهہ، ۽ ڪاتي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين، ۽ ٻئي گڏجي اٿي هليا.


پوءِ ٻہ خبيث ماڻهو اندر اچي سندس اڳيان ويٺا، ۽ هن جي برخلاف، يعني نبوت جي برخلاف ماڻهن جي روبرو شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ نبوت خدا ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. تڏهن هنن اُنهيءَ کي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪيو، ۽ سنگسار ڪري ماري وڌائونس.


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


۽ جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ايندو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


۽ سندس تهمت نامو لکي مٿانئس هڻي ڇڏيائون تہ ”هي يهودين جو بادشاهہ يسوع آهي.“


يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.


۽ سندس تهمت نامو لکي مٿس هڻي ڇڏيو هئائونس، تہ ”يهودين جو بادشاهہ“.


هاڻ ڀلي مسيح، اسرائيل جو بادشاهہ، صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ اسين ڏسون ۽ ايمان آڻيون. ۽ جي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ هن کي طعنا هنيا.


۽ هو خلق کي پنهنجن شاگردن سوڌو پاڻ وٽ سڏي چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نٿو اچي، سو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.


۽ جيئن هن کي وٺي پئي ويا، تہ هڪڙو ماڻهو شمعون ڪريني ٻهراڙيءَ مان پئي آيو، تنهن کي جهلي صليب کڻي مٿان رکيائونس، تہ يسوع جي پٺيان کڻي هلي.


۽ جڏهن هو انهيءَ جاءِ وٽ آيا، جنهن کي کوپڙي ڪري ٿا چون، تڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ پڻ اُنهن ڏوهارين کي بہ. هڪڙي کي ساڄي پاسي ۽ ٻئي کي ڏائي پاسي.


۽ هن جي مٿان هڪڙو نوشتو لڳايل هو، تہ هيءُ يهودين جو بادشاهہ آهي.


۽ سڀني کي چيائين، تہ جيڪو منهنجي پٺيان اچڻ گهُري، سو پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ ڏهاڙي پنهنجو صليب کڻي، ۽ منهنجي پٺيان اچي.


پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.


اتي يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبرانيءَ ۾ بيت حسدا ڪري ٿا سڏين، اُنهي کي پنج ڏيڍيون آهن.


۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ