Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:15 - Sindhi Bible

15 تنهن تي هنن رڙيون ڪري چيو تہ ڪڍينس! ڪڍينس! صليب تي چاڙهينس! پلاطس چين تہ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟ سردار ڪاهنن جواب ڏنو تہ قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو بادشاهہ آهي ئي ڪونہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي راجا کي سوليءَ تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ راجا نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس ۽ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوھان جي بادشاھہ کي صليب تي چاڙھيان؟“ سردار ڪاھنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاھہ نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


تنهنڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟


پر اُنهن سڀني گڏجي هُل مچايو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي ڪڍ، ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏي.


تڏهن پلاطس چين، تہ اوهين پاڻ وٺي وڃوس، ۽ پنهنجي شريعت موجب سندس انصاف ڪريو. يهودين چيس تہ اسان کي ڪنهن جي بہ مارڻ جي اختياري نہ آهي.


پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.


۽ جيتوڻيڪ هنن کي انهي جي مارڻ جو ڪوبہ سبب ڪونہ مليو، تڏهن بہ هنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏ.


ڇالاءِ جو ماڻهن جو گوڙ پٺيان واڪا ڪندي پئي آيو، تہ ”ماري وجهوس.“


ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ