Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:13 - Sindhi Bible

13 پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو يسوع کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو عيسيٰ کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن ھو عيسيٰ کي ٻاھر وٺي آيو ۽ جنھن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلھو“ چوندا آھن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آھن، تنھن جاءِ تي رکيل عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.


جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ تون غريبن تي ظلم ٿيندو ڏسين، ۽ ڪنهن زبردست ماڻهوءَ کي انصاف ۽ عدالت کسي ويندو ڏسين، تہ انهي ڳالهہ تي عجب نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڪو مٿانهن کان مٿانهون ڏسي ٿو؛ ۽ انهن کان بہ ڪو مٿانهون آهي.


تون ڪنهن کان ڊني آهين، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙ ٿي ڳالهائين، ۽ مون کي ياد نہ ڪيو اٿيئي، نڪي اها ڳالهہ دل تي آندي اٿيئي؟ آءٌ گهڻن ڏينهن کان ماٺ ڪندو نہ آيو آهيان ڇا، ۽ انهي ڪري تون مون کان نٿي ڊڄين ڇا؟


۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن.


۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو.


۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.


پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.


پوءِ هو يسوع کي وٺي هليا: ۽ هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي اُنهي هنڌ آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ گلگتا يعني کوپراٽيءَ واري جاءِ ڪوٺيندا آهن:


پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا.


پوءِ پلاطس جڏهن اهي حرف ٻُڌا، تڏهن هيڪاري اچي خوف ٿيس؛


اتي يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبرانيءَ ۾ بيت حسدا ڪري ٿا سڏين، اُنهي کي پنج ڏيڍيون آهن.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ