Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:35 - Sindhi Bible

35 پلاطس جواب ڏنو، تہ آئون يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي قوم جي ماڻهن، ۽ سردار ڪاهنن توکي منهنجي حوالي ڪيو آهي: تو ڇا ڪيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 پلاطس وراڻيو تہ ”ڇا تون مون کي يھودي ٿو سمجھين؟ تنھنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاھنن تو کي منھنجي حوالي ڪيو آھي. تو ڪيو ڇا آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:35
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي تو وٽان آيا، سي اسان وٽ يروشلم ۾ آيا آهن؛ اهي انهي باغي ۽ خراب شهر کي ٿا اڏين؛ ۽ انهن ڀتيون جوڙي بس ڪيون آهن، ۽ بنياد مرمت ڪيا اٿن.


۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟


پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.


يسوع جواب ڏنو تہ تون پاڻو ٿو ائين چئين، يا ٻين منهنجي نالي توکي چيو آهي؟


يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي.


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.


تون اُهو مصري نہ آهين ڇا، جو ڪي ڏينهن ٿيا تہ فساد مچائي چار هزار خوني وٺي جهنگ ۾ ويو هئين؟


۽ خبر پيم تہ هنن پنهنجيءَ شريعت جي ئي ڳالهين جي سببان مٿس تهمت رکي آهي، مگر مٿس اهڙو ڪو الزام نہ آندو هئائون جو موت يا قيد جي سزا جوڳو هجي.


ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ