Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:32 - Sindhi Bible

32 سو انهي لاءِ تہ يسوع جو ڪلام ڪيو هو تہ منهنجو موت ڪهڙيءَ طرح ٿيندو، سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن.


۽ هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جيئرو ٿي اُٿندو.


اوهان کي خبر آهي تہ ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح جي عيد ايندي، ۽ ابن آدم کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ جهلائيندا.


۽ چوڻ لڳن تہ اِجهو يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو؛ ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا:


تنهن تي يهودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پهڻ کنيا.


يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين.


آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


تڏهن پلاطس چين، تہ اوهين پاڻ وٺي وڃوس، ۽ پنهنجي شريعت موجب سندس انصاف ڪريو. يهودين چيس تہ اسان کي ڪنهن جي بہ مارڻ جي اختياري نہ آهي.


هاڻي انهي چوڻ جي مراد اِها هيس، تہ ڏيکاريان تہ هو ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلال ظاهر ڪندو. ۽ جڏهن هيءَ ڳالهہ ڪري چڪو، تنهن کانپوءِ چيائينس، تہ منهنجي پٺيان اچ.


۽ جيئن موسيٰ نانگ کي رڻ پٽ ۾ مٿي چاڙهيو، تيئن ابن آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو:


تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان.


۽ جيئن هنن استيفنس کي سنگسار پي ڪيو، تہ هن خداوند کي پڪاري چيو تہ، اي خداوند يسوع! منهنجو روح قبول ڪر.


مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ