Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:28 - Sindhi Bible

28 پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:28
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي بي دين ماڻهو مجلس ۾ ويهي چرچا ڪندا آهن، تن وانگر اُنهن مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا.


ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.


ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي.


پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ اوهين ست ڏينهن برابر فسح جي عيد ڪجو؛ فقط اڻ خميري ماني کائجو.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


تڏهن حاڪم جا سپاهي يسوع کي محلات مان وٺي ويا، ۽ سڄي پلٽڻ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.


پوءِ سپاهي هن کي ايوان منجهہ وٺي ويا، جنهن کي پرئتورين ٿا چون؛ ۽ اُتي سڄي پلٽڻ آڻي گڏ ڪيائون.


۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ


هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا.


۽ پهريائين يوحنا وٽ وٺي ويس؛ ڇالاءِ تہ ڪائفا جو انهي ورهيہ سردار ڪاهن هو، تنهن جو هو سهرو هو.


۽ شمعون پطرس يسوع جي پٺيان هلندو ويو، ۽ پڻ اُهو ٻيو شاگرد بہ. هاڻي انهي شاگرد جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو يسوع سان گڏ سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اندر گهڙي ويو؛


تڏهن پلاطس وري محلات ۾ ويو، ۽ يسوع کي سڏي چيائين تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟


پر اوهان جو دستور آهي تہ آئون اوهان جي خاطر فسح تي هڪڙي ڄڻي کي ڇڏيندو آهيان؛ سو اوهان جي مرضي آهي تہ يهودين جي بادشاهہ کي اوهان جي خاطر ڇڏيان؟


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


هاڻي اُهو فسح جي تياريءَ جو ڏينهن هو: ۽ اٽڪل ڇهون ڪلاڪ هو. ۽ هن يهودين کي چيو، تہ اِجهو اوهان جو بادشاهہ!


۽ وري محلات ۾ اندر ويو ۽ يسوع کي چيائين، تہ تون ڪٿان جو آهين؟ پر يسوع ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.


تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان.


تنهنڪري ڪي ماڻهو يافا ۾ موڪلي شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، تنهن کي پاڻ وٽ گهُرائي وٺ؛ اهو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون چمار جي گهر ۾ ٽڪيل آهي.


تہ تون نامختونن وٽ وئين ۽ وڃي ساڻن گڏ کاڌءِ.


ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.


ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،


تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ